ڪولمبو( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي مشهور صحافي وڪرانت گُپتا جي هڪ ٽوئيٽ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو بابر اعظم کي اِها درخواست ڪري رهيو آهي ته اسان ( ڀارت ) جي خلاف ڏهن وڪيٽن تان ميچ نه کٽجو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ڀارتي اسپورٽس صحافي وڪرانت گُپتا جي تصوير سان گڏ ڄاڻايل ٽوئيٽ ڪئي وئي .
پر صحافي وڪرانت گپتا پيغام کي جعلي قرار ڏيندي پنهنجي فالوورز کي اڪائونٽ کي رپورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
Fake account report @X https://t.co/ToLnyqtThu
— Vikrant Gupta (@vikrantgupta73) September 9, 2023
وڪرانت گپتا طرفان ڪيل جعلي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو هو ته ” منهنجي پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم سان ڳالهه ٿي آهي، مون کائنس تيارين بابت پڇيو، جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان جي تياري مڪمل آهي، مون کلندي درخواست ڪئي ته هن دفعي اسان کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست نه ڏيجو“ .
صحافي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان ڄاڻايل ٽوئيٽ شيئر ڪئي ۽ ان کي جعلي قرار ڏيندي مداحن کي اڪائونٽ رپورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
ياد رهي ته ڀارت وڪرانت گپتا ڀارت جو مشهور صحافي آهي جنهن کي ڪرڪيٽ جي حوالي سان غيرجانبدار تجزين لاءِ ڄاتو ويندو آهي جڏهن ته هو ڀارتي چئنل اسپورٽس تڪ سان سلهاڙيل آهي.