ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين آف اسپنر مرلي ڌرن جي بائيوپِڪ فلم ايٽ هنڊريڊ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا جي تمل اقليت سان تعلق رکندڙ مرلي ڌرن نوي واري ڏهاڪي ۾ حيران ڪندڙ طور سريلنڪن ٽيم ۾ ان وقت شموليت اختيار ڪئي جڏهن مُلڪ ۾ تامل قوم پرست ۽ سنهالي اڪثريت وچ ۾ گهرو ويڙهه جاري هئي.
ان کانپوءِ مرلي ڌرن کي پنهنجي ڪيريئر دوران بالنگ ايڪشن سبب لڳاتار تنقيد جونشانو بڻايو ويو، ان دوران کيس آسٽريليا ۾ چڪنگ ڪرڻ سبب سندن بالن کي نو بال قرار ڏنو ويو.
مرلي ڌرن پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا پر هن هار نه مڃي ۽ ڪرڪيٽ دنيا جو عظيم بالر بڻجي ڏيکاريو، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ وٽس ئي آهي.
Muttiah Muralitharan spills the beans on how Indian batters tackled his weapon, the Doosra.#SachinTendulkar #MuttiahMuralitharan #CricketTwitter pic.twitter.com/yMIetrf4iq
— 100MB (@100MasterBlastr) September 6, 2023
مرلي ڌرن آءِ سي سي ڪرڪيٽ هال آف ديم ۾ شامل آهي، مرلي ڌرن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اٺ سئو ۽ ون ڊي ۾ پنج سئو ٽيهه وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي جيڪو هڪ ورلڊ رڪارڊ آهي.
اڳوڻي آف اسپنر جي زندگي جي ٺهندڙ فلم جو نالو ايٽ هنڊريڊ آهي جيڪو سندس ٽيسٽ وڪيٽن جي انگ کي ظاهر ڪري ٿو.
مٿيا مرلي ڌرن جي بائيوپِڪ 800 جو ٽريلر ڀارت جي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر، اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان سنٿ جئه سوريا سان گڏ ممبئي ۾ جاري ڪيو.
هاڻي دنيا 800 جي عنوان سان ايندڙ بائيوپڪ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي آهي، جيڪا مرلي جي زندگيءَ ۽ سفر تي روشني وجهندي.
آسڪر ايوارڊ يافته فلم جو اداڪار مڌر متل سريلنڪا جي ليجندڙي اسپنر جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو، ايم ايس سري پاٿي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم، تامل، هندي ۽ تيلگو ۾ رليز ڪئي ويندي.