ڪراچي: سيڪيورٽي گارڊن فائرنگ ڪري عورت سميت ٻن ڄڻن کي ماري وڌو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ نيول گيٽ ڀرسان نجي سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ سان عورت سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ شازيا جي نالي سان ٿي، جڏهن ته مرد جي سڃاڻپ شفقت حسين جي نالي سان ٿي آهي.
سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت ۽ مرد جا لاش ويجهي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
ايس ايس پي عارف اسلم رائو موجب فائرنگ کانپوءِ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته شروعاتي بيان ۾ گارڊن چيو آهي ته ڦر جو ٻڌي فائرنگ ڪئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي ويندي.
هوڏانهن ڊي آءِ جي چيو آهي ته جاچ ۾ دهشتگردي يا ڦر مزاحمت جون ڪي شاهديون ناهن مليون.
پوليس کي شڪ آهي ته قتل جي واردات ذاتي دشمني يا غلط فهمي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.