اِهو ٻڌڻ ۾ عجيب لڳي ٿو پر اِها حقيقت آهي، سموري دنيا جا ڪرڪيٽ شوقين عالمي ڪپ جو مها مقابلو يعني پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارت جو رُخ ڪري رهيا آهن، ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي احمد آباد توڙي ڀرپاسي جا سمورا هوٽل بُڪ ٿي چڪا آهن، پرمداح ايترو بي چين آهن جو اسپتال جي بستري به رات گذارڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، شوقينن لاءِ هوٽلن جي بُڪنگ مشڪل ٿي وئي آهي ۽ ڀاڙن ۾ هڪ لک تائين اضافو ٿي چڪو آهي.
جڏهن کان پاڪ-ڀارت ٽاڪري جي تاريخ ۽ وينيو جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان احمد آباد ۾ هوٽلن جا ڀاڙا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، ڪيئي هوٽلن جي ويب سائيٽن تي هوٽلن جي ڪمرن جي ڀاڙن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي، احمد آباد شيڊيول ميچ ۾ ڪرڪيٽ شوقين غيرمعمولي دلچسپي وٺي رهيا آهن.
عام ڏينهن ۾ پنج هزار رُپين ۾ ملندڙ ڪمرو هاڻي چاليهه هزار رُپين ۾ بُڪ ٿي رهيو آهي جڏهن ته لگزري هوٽلز ۾ ڪمرن جو ڀاڙو هڪ لک تائين پهچي چڪو آهي.
وڌندڙ خرچن سبب ڪو ٻيو متبادل آپشن ناهي بچو، شوقين پنهنجي قيام لاءِ اسپتالن ۾ پڇاڳاڇا ڪري رهيا آهن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتالن ۾ به اهڙين شوقينن کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي.
View this post on Instagram
ذريعن موجب، مقامي اسپتالون ۾ شوقينن کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪي رهائش دوران طبي معائنو ڪرائڻ جا خواهشمند آهن، اهڙي سهولت بعد ٻه شوقين اسپتال جي بستري رات گذاري سگهن ٿا.