صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ته…! پي ٽي آءِ جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي صدر عارف علوي کان عام چونڊن جي تاريخ جي بنا دير اعلان جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ صدر طرفان چونڊن جي تاريخ فوري طور مقرر ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
جاري ڪيل پڌرائيءَ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، صدر دستوري فرض نڀائي ۽ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، آئين جي بالادستي صدر جي عهدي جي گهرج آهي، تاريخ جو اعلان ڪيو ويو ته صدر آئين جي بي حرمتي ۽ آئيني ۽ جمهوري حقن جي پامالي جو ذميوار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.