ڪنگنا رناوت شاهه رخ خان کي ديوتا قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) شاهه رخ خان جي نئين فلم ”جوان“ جي ڪاميابي مان خوش اداڪارا ڪنگنا رناوت کيس ديوتا قرار ڏئي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ڪنگنا رناوت چيو ته شاهه رخ خان حقيقي زندگي جو به سپر هيرو آهي. 90 جي ڏهاڪي ۾ رومينٽڪ هيرو کان وٺي 60 سالن جي عمر تائين هن جيڪا جدوجهد ڪئي اُها مثالي آهي.

ڪنگنا رناوت وڌيڪ چيو ته مون کي اهو وقت ياد ايندو آهي جڏهن ماڻهو لکندا هئا ته شاهه رخ خان ختم ٿي ويو آهي ۽ سندس فلمن بابت چوائس تي ٺٺول ڪندا هئا. شاهه رخ خان جي جدوجهد انهن سڀني آرٽسٽن لاءِ مثال آهي جيڪي ڪاميابي کي انجواءِ ڪري رهيا آهن پر ايندڙ وقت لاءِ تيار ناهن.

اداڪارا جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان اهو ديوتا آهي جنهن جي هندي سينيما کي ضرورت آهي. سندس محنت، همٿ کي سلام ڪريان ٿي. بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم جوان گذريل ڏينهن رليز ٿي هئي ۽ پهرين ئي ڏينهن ڪيترائي رڪارڊز ٽوڙيندي سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ بزنس ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.