هڪ ٻيو شعيب اختر ملي ويو، هي ڪير آهي؟ وڊيو ڏسو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميديا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ بالر اڳوڻي پاڪستاني اسپيڊ اسٽار شعيب اختر جيان بالنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي،جنهن کي ڪرڪيٽ مداح ٻيو راولپنڊي ايڪسپريس قرار ڏئي رهيا آهن.

عمان سان واسطو رکندڙ فاسٽ بالر محمد عمران کي راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر جو همشڪل قرار ڏنو پيو وڃي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ موجود بالر شعيب اختر جيان بالنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

وڊيو ۾ نظر ايندڙ بالر جو تعلق عمان سان آهي جيڪو اڳوڻي پاڪستاني اسپيڊ اسٽار جيان بالنگ ڪري رهيو آهي.

37 ورهين جي عماني فاسٽ بالر محمد عمران هنيئر تائين 33 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 51 وڪيٽون ۽ 1266 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته 45 ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ هو 32 وڪيٽون ۽ 409 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

سوشل ميديا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي ماڻهو دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن جڏهن ته اڪثر ماڻهو کيس بالنگ ڪندو ڏسي ڪنفيوز ٿي ويا آهن ته ڪٿي هي شعيب اختر ته ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.