سمنڊ جي تَري مان مليل ”سوني بيضي“ سائنسدانن جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو

هڪ پراسرار سوني بيضي کي پئسفڪ جي تَري مان دريافت ڪيو ويو آهي جنهن سائنسدانن جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي.
سائنسدانن جي خيال ۾ اهو سونهري رنگ جو فيضو ڪنهن اڻڄاتل سامونڊي مخلوق جو ٿي سگھي ٿو.
ان بيضي کي آمريڪي رياست الاسڪا جي ويجهو سمنڊ جي تَري مان National Oceaninc and Atmospheric Administration (اين او اي اي) جي سائنسدانن دريافت ڪيو.
ان جي وچ ۾ هڪ سوراخ آهي ۽ ان کي رموٽ ڪنٽرول آبدوز جي سائنسي جاچ دوران دريافت ڪيو ويو.
محققن جي خيال ۾ اهو ڪو بيضو ٿي سگھي ٿو جنهن مان ٻچو نڪري چڪو آهي يا هڪ اسپنج به ٿي سگھي ٿو.
ان بيضي کي هڪ مشيني هٿ ذريعي سمنڊ مان ڪڍي سائنسي تجزيو ڪيو ويو ته جيئن حقيقت خبر پئجي سگھي.
محققن ٻڌايو ته ان شيءِ کي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ان پراسرار بيضي جي دريافت نارالاسڪا جي اونهائي ۾ سائنسي مشن دوران ٿي هئي.
ان مشن جو مقصد سامونڊي اونهائي ۾ موجود مخلوق جي رهڻ جي هنڌن ۽ ٻين جغرافيائي خاصيتن جي بابت ڄاڻڻ آهي.
اهو مشن 15 سيپٽمبر تائين جاري رهندو جڏهن ته ان بيضي کي 30 آگسٽ تي دريافت ڪيو ويو هو.
ماهرن ٻڌايو ته گھڻو ڪري سمنڊ جي تهه مان نيون شيون ملنديون رهنديون آهن پر عام طور تي اسان کي ان بابت ڪنهن حد تائين ڄاڻ هوندي آهي، پر اها دريافت ان ڪري غير معمولي آهي ڇو جو اسان کي هيل تائين يقين ناهي ته اهو بيضو آهي يا اسفنج.
سندن چوڻ هو ته ڏسڻ سان اهو بيضو لڳي ٿو جڏهن ته ان ۾ موجود سوراخ مان به اهو ئي اشارو ملي ٿو، پر ڏسڻ ۾ اهو بلڪل مختلف آهي.
محققن موجب جيڪڏهن اهو واقعي بيضو آهي ته اهو ڄاڻڻ دلچسپ هوندو ته اهو ڪنهن جو بيضو آهي، ڇو جو اهو گھڻو وڏو آهي.
ان شيءِ جي سائنسي تجزيي جا نتيجا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچڻ جا امڪان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.