ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير جي بيان ”دوستي ميدان مان ٻاهرهجڻ گهرجي“ تي ڏنل رد عمل اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطما ڀٽو کي اڏو پسند آيو جو هن به سندس تعريف ڪئي آهي.
2 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ گرما گرمي ۽ لفظي تڪرار بدران دوستي جا وڌندڙ هٿ ڏسي ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيتر گوتم گمڀير تنقيد ڪندي چيوهو ته ڪرڪيٽرز کي گهرجي ته پنهنجي دوستي ميدان جي ٻاهران ڇڏي اچن.
Good to see Shahid Afridi display true sportsmanship in the face of Gambir’s petulant sulk: "We are cricketers and ambassadors as well, we all have fans across the globe. So it is better to send out a message of love and respect” https://t.co/ogPL0B9Oqd
— fatima bhutto (@fbhutto) September 7, 2023
گوتم جي ان بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿس تنقيد ڪئي جڏهن ته ان معاملي بابت جڏهن شاهد آفريدي کان پڇيو ويو ته هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جا سفير آهيون، اسان کي امن جو پيغام ڏيڻ گهرجي، اها منهنجي ذاتي سوچ آهي جڏهن ته گوتم جي پنهنجي الڳ سوچ ٿي سگهي ٿي.
جتي شاهد آفريدي جي ان ام پسند سوچ کي سوشل ميڊيا تي پسند ڪيو ويو اتي فاطما ڀٽو به رد عمل ڏنو.
فاطما ڀٽو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي شاهد آفريدي جي رد عمل تي هڪخبر کي شيئر ڪيو ۽ لکيو ته گوتمگمڀير جي اجائي ڳالهه تي شاهد آفريدي جي اسپورٽس مينشپ ڏسي خوشي ٿي آهي.
هن پوسٽ ۾ آفريدي جا جملا ورجايا ۽ چيو ته ان لاءِ بهتر آهي ته اسان پيار ۽ احترام جو پيغام ڏيون.