عمران خان ڀيڻن سوڌو ڏوهي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) گڏيل جاچ ٽيم 9 مئي سانحي جي جاچ دوران جناح هائوس ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب جي آءِ ٽي سربراهه عمران ڪشور جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ عمران خان جي ڀيڻن کي به ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ٽي آءِ جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي چوڻ تي جناح هائوس تي حملو ٿيو، عمران خان جاچ ۾ حملو ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو.
ذريعن موجب جي آءِ ٽي تحريڪ انصاف چيئرمين کي 3 ڀيرا جاچ ۾ شامل ڪيو، ٽيم اٽڪ جيل ۾ به بيان رڪارڊ ڪرڻ وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.