ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريسرچرز انڪشاف ڪيو آهي ته اوهان جي ڪن ۾ جيڪو ڪچرو (Wax) موجود آهي ان سان اوهان جي ذهني صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾ 37 ماڻهن جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ اهو ڏٺو ويو ته ڪن جي نالي جي ڀرپاسي جيڪو تيل جيان ڪچرو هوندو آهي ان سان ذهني دٻاءَ ۾ خارج ٿيندڙ استريس هارمون ڪورتي سول جي ماپ ڪري سگهجي ٿي.
تحقيق سان ڪجهه نفسياتي مسئلن جن ۾ ڊپريشن يا مايوسي جي بهتر انداز ۾ سڃاڻپ جا رستا کليا آهن.
هن جائزو رپورٽ جي اهم ليکڪ ڊاڪٽر آندريس هيرين ڪن صاف ڪندڙ هڪ نئين قسم جي ڪپهه به تيار ڪئي آهي جنهن سان ڪم جي پردي کي ڪو نقصان ناهي پهچندو.
جيڪڏهن ذهن تي دٻاءُ پوي ته اهو دماغ کي خبردار ڪندڙ پيغام موڪليندو آهي جنهن سان جسم جو تقريبن سمورو نظام متاثر ٿيندو آهي، ان ۾ مدافعتي نظام کان ويندي هاضمي وارو نظام ۽ ننڊ به شامل آهي پر ڪورٽي سول هارمون جو پريشاني سان ڪهڙو واسطو آهي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
لنڊن ۾ تحقيق دوران ڪوشش ڪئي وئي ته جيڪڏهن ڪورٽي سول هارمون جي سطح بلند يا گهٽجي وڃي ته ان جو ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو؟ هن وقت ته ذهني صحت جي سڃاڻپ گهڻو ڪري مريض سان ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪئي ويندي آهي.
جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪورٽي سول هارمون جي سطح جي ماپ ۾ مدد ورتي وڃي ته ڊاڪٽرن کي وڌيڪ سڃاڻپ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان سان مريض جو علاج به درست نموني ڪري سگهجي ٿو.