ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڊ بابت ڪجهه ماڻهن جو اهو چوڻ هوندو آهي ته ننڊ ته ڪنڊن تي به اچي ويندي آهي پر ڪنڊن تي ننڊ ڪرڻ بعد جڏهن انسان جاڳندو آهي ته اهو توانو هجڻ بدران تڪليف محسوس ڪندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو چيو ويندو آهي ته جهڙي ننڊ انساني جسم لاءِ ضروري آهي، تيئن ئي ان جو انداز به انساني جسم لاءِ ضروري هوندو آهي.
چيلهه جي زور تي سمهڻ جي پوزيشن کي اسٽاف فش پوزيشن به چيو ويندو آهي. ان حالت ۾ سمهڻ وارا سڌو سمهندا آهن جنهن سان چيلهه مٿو ۽ ڪنڌ جي سطح تي هوندا آهن، خاص طور تي جيڪڏهن اوهان ڪنهن وهاڻي جو استعمال نه ڪريو.
ان حالت ۾ سمهڻ سان رت جي رواني جسم جي ٻنهي حصن ۾ برابر ويندي آهي جنهن سبب چهري تي گهنج پوڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي.
ان کانسواءِ رت ڪنهن هڪ پاسي ناهي ويندو ته ان جي ڪري معدي کي به پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي ۽ معدي ۾ تيزابيت ناهي ٿيندي.
هڪ اهمف ائدو اهو آهي ته اهڙي ريت سمهڻ سان گهوگهرا ناهن ايندا ۽ ساهه پرسڪون هوندو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو آواز ناهي نڪرندو.