پاڪستان جو ايٽمي طاقت هجڻ سڀ کان وڏو خطرو آهي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي استعمال هيٺ آمريڪي هٿيار هجڻ جي تريدي ڪندي چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ وقت اهڙا  هٿيار نه ڇڏيا هئا جيڪي ڪنهن جي ڪم اچي سگهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي کان پريس بريفنگ دوران پاڪستاني صحافي سوال ڪيو ته ڇا افغانستان مان نڪرڻ وقت آمريڪا پنهنجا ست ارب ڊالرز جا هٿيار اتي ئي ڇڏيا جيڪي تحريڪ طالبان پاڪستان، داعش ۽ القاعدا جي ويڙهاڪن جي هٿ چڙهي ويا.

سوال جي جواب ۾ جان ڪربي چيو ته آمريڪا افغان فوج جي جنگي تربيت ڪئي هئي ۽ ان مشن ۾ جديد هٿيار افغان فوج جي حوالي ڪرڻ به شامل هو، جڏهن طالبان اقتدار سنڀاليو ته افغان فوج آمريڪي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، آمريڪي فوج ائين ناهي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته افغانستان مان نڪرڻ وقت آمريڪي فوج رڳو ڪجهه جهاز، ۽ معمولي سامان ڇڏيو جيڪي استعمال جوڳي حالت ۾ نه هئا.

آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار کان جڏهن پڇاڻو ڪيو ويو ته صدر بائيڊن پاڪستان کي ڪجهه مهينا اڳ ايٽمي هٿيار رکندڙ خطرناڪ ترين مُلڪن مان هڪ قرار ڏنو هو کيس ڇا جو خدشو هو؟

هن چيو ته اِهو تمام وڏو خطرو آهي، اِهو ڪو معمولي خطرو ناهي، صدر بائيڊن ان ڳالهه کي سمجهي ٿو ۽ انڪري اسان پاڪستان سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين.

جان ڪربي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون ۽ اهو به ڄاڻو ٿا ته پاڪستاني عوام پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ خاص طور افغانستان مان حملن جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.