ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽو درآمد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني في ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپين جي لاٿ ايندي.
اٽي جي امپورٽرز چيو آهي ته روس کان ڪڻڪ جا 3 جهاز جلد ڪراچي پهچي رهيا آهن، پهريون جهاز ايم وي بيڪس هليل 15 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو، جهاز ۾ 60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي.
امپورٽرز موجب ٻيو جهاز 23 کان 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو، ٽنهي جهازن ۾ 60-60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آهي، جهاز پهچڻ سان سڄي ملڪ ۾ فوري طور ڪڻڪ ۽ اٽي جا اگهه هيٺ ايندا ۽ کوٽ پوري ٿي ويندي.
روسي ڪڻڪ ڪراچي پهچڻ سان في ڪلو اٽي جي قيمت 100 رپيا پوندي، اها ڪڻڪ سڄو سال وڏي مقدار ۾ موجود هوندي، هن وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 125 رپيا ۽ اٽو 160 رپيا في ڪلو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like