کنڊ وڌيڪ سستي ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان ڪريڪ ڊائون کان ڊنل ذخيري اندوزن کنڊ مارڪيٽ ۾ کپائڻ شروع ڪري ڇڏي.
هول سيل ۾ في ڪلو کنڊ 5 رپيا سستي ٿي وئي، جڏهن ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ان جي قيمت ۾ 17 رپيا في ڪلو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
هول سيل ۾ في ڪلو کنڊ 165 رپين مان گهٽجي 160 رپين تائين اچي وئي، شگر ملن به في ڪلو کنڊ 3 رپيا سستي ڪئي، جڏهن ته ايڪس مل قيمت 160 رپيا في ڪلو تائين ڪِري پئي.
هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڪريڪ ڊائون سبب کنڊ وڌيڪ سستي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.