يوفون جي مالڪ ڪمپني پاڪ ٽيليڪام موبائل لميٽيڊ (پي ٽي ايم ايل) طرفان ملڪ جي مخصوص شهرن ۾ پنهنجي نئين برانڊ ”اونڪ“ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو.
اونڪ حقيقت ۾ هڪ سم آهي پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان نئين برانڊ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار تيز هوندي ۽ واهپيدار فضول بيلنس ختم ٿيڻ جي شڪايت کان محفوظ رهندا.
ان کان وڌي ڪري سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ”اونڪ“ جي ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ هن وقت ڪا به فرنچائز ناهي پر واهپيدار ڪمپني جي ويب سائيٽ يا ايپ ذريعي آن لائين سم جي خريداري ڪري سگهن ٿا.
نئين نيٽورڪ تي وڃڻ جا خواهشمند ماڻهو ڪمپني جي ويب سائيٽ يا ايپ تي ذاتي ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ سم جي قيمت بابت ٻڌائڻ کان پوءِ گھر ويٺي حاصل ڪري سگھندا.
ان کي في الحال ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اها سم 200 جي بي انٽرنيٽ ڊيٽا 1900 رپين ۾ هڪ مهيني لاءِ فراهم ڪري رهي آهي.
اهڙيءَ طرح ڪمپني فون، انٽرنيٽ ۽ ميسيجز پيڪيجز به متعارف ڪرايا آهن، جن جي قيمت مختلف رکي وئي آهي ۽ انهن پيڪيجز جو مدو 15 کان 30 ڏينهن تائين رکيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like