اهو لفظ جنهن کي پڙهي ماڻهو اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن

اوٻاسي جو ظاهري طور ته ڪو به مقصد نظرناهي ايندو، ٿَڪَ، بيزار ٿيڻ يا ڪنهن کي ائين ڪري ڏسي اسان به وات ڦاڙي هوا کي اندر ڇڪيندا آهيون.
پر سوال اهو آهي ته آخر اسان اوٻاسي ڇو ڏيندا آهيون؟
ان جو ننڍ جواب ته اهو آهي ته ڪنهن کي به ان جو سبب ناهي خبر پر اها ضرور خبر آهي ته جڏهن اسانٻين ماڻهن کي ائين ڪندي ڏسندا آهيون ته پاڻ به اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون.
پر ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 55 سيڪڙو ماڻهو تهرڳو اوٻاسي لفظ پڙهي اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
جي ها واقعي اها دعويٰ ڪجهه عرصواڳ هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي هئي.
ٽيمپل يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جڏهن ماڻهن کي اوٻاسي (انگريزي ۾ Yawning) چوڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهي اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
محققن ٻڌايو ته ڪنهن کي به خبر ناهي ته اسان اوٻاسي ڇو ڏيندا آهيون يا ان سان ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي، متان ان سان اسان کي پرسڪون ٿيڻ ۾ مدد ملندي هجي.
ماهرن جو چوڻ هو ته مقصد جيڪو به هجي پر اوٻاسي تيزي سان پکڙجندي آهي پر ان بابت سوچڻ يا اوٻاسي چوڻ سان به اوٻاسي اچي ويندي آهي، گھٽ ۾ گھٽ 55 سيڪڙو ماڻهن سان ائين ضرور ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.