ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
سول سوسائٽي پاران ڪلفٽن جي ٽي تلوار چورنگي تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي پئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن پاران مغوين جي بازيابي ۽ ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي.
مظاهرين ايس ايس پي امجد شيخ خلاف نعرا هڻي رهيا آهن. مظاهرين جو مطالبو آهي ته پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.