سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج، ڌرڻا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي مختلف تنظيمن ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.
جروا ۾ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي اسڪول جي شاگردن ڪاشف منگراھه، بلال شاھه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيات پتافي چوڪ کان جروار پريس ڪلب ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
اوٻاوڙي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد يوسف مزاري، غلام اڪبر گنب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري، قبول ڪوش سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ مين چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي.
ڌاٻيجي ۾ جسقم پاران پرياڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن نظام جوکيو جي اڳواڻين ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ڄامشورو ۾ به معصوم پريا ڪماري سميت سنڌ جي ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ باشعور عوام جي سڏ تي ڊاڪٽر راج ڪمار رتناڻي، ڊاڪٽر پريم ڪمار ڇتاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي روز ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن پر پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماري سميت سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.