هٿن ۽ ٺوٺن جو رنگ صاف ڪرڻ جو گھريلو ٽوٽڪو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهن جي چهري جو رنگ ته گھڻو صاف هوندو آهي پر سندن هٿن ۽ ٺوٺن جو ڪارو رنگ شرمندگي جو سبب بڻجندو آهي.
هٿن ۽ ٺوٺن جي ڪاراڻ جو بنيادي سبب جلد جا مُئل خليا، اُس ۾ گھڻو رهڻ يا هارمون جي خرابي ٿي سگھي ٿو.
جسم جي انهن حصن جي اندر آئل گلينڊ موجود ناهن هوندا جنهن جي ڪري ٿوري بي احتياطي انهن حصن جي رنگ کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
انهن حصن جي رنگ کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪجهه گھريلو نسخن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.
کيري جي اندر بليچنگ خاصيتون موجود هونديون آهن جيڪي ڪارن هٿن ۽ ٺوٺن جي رنگ کي صاف ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن.
ان لاءِ کيري جا سلائس ڪاٽي وٺو، انهن کي هٿن ۽ ٺوٺن تي 15 منٽن تائين مهٽيو ۽ ان کان پوءِ انهن کي سادي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
ان کانسواءِ کيري جي جوس جي اندر ٿورو ليمو ملايو، ان کي هٿن ۽ ٺوٺن تي مهٽڻ سان به رنگ صاف ٿي سگھي ٿو.
ليمو رنگ کي صاف ڪرڻ ۾ گھڻو اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. هڪ ته ليمو اينٽي آڪسيڊنٽ هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو وٽامن سي سان به مالامال هوندو آهي جڏهن ته کاڌي واري سوڊا جلد جي صفائي ڪرڻ ۾ اهم هوندي آهي.
ليمي کي وچان ڪاٽي وٺو ۽ ان جي مٿان کاڌي واري سوڊا ٻرڪي ڇڏيو ۽ ان کي هٿن ۽ ٺوٺن جي ڪارن حصن تي سٺي طرح مهٽيو.
15 منٽن تائين ملڻ کان پوءِ ڌوئي ڇڏيو، اهو عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا ورجايو ۽ هٿن ۽ ٺوٺن جي رنگ کي بهتر بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.