گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ سنڀالڻ هڪ خوشگوار تجربو هوندو آهي، جنهن ۾ هٿن ۽ پيرن جي ٿوري حرڪت اوهان کي تمام گهڻي تيزيءَ سان اڳتي وٺي ويندي آهي، ڪجهه ميٽرن جو احاطو ۽ ٻه اڍائي ٽن وزن رکندڙ اها مشين هڪ گهر وانگر هوندي آهي جيڪا اوهان سان گڏ گڏ هلندي آهي.
گاڏي سان جُڙيل ڪيئي ٻيون هاڪاري شيون هونديون آهن جن مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو، پر اهو قطعي نه وسارڻ گهرجي ته ان سان گڏ ڪجهه خطرناڪ ڳالهيون به سلهاڙيل آهن جنهن جي هڪ ڀوائتي صورت حادثو آهي ۽ جنهن کان رڳو احتياط جي صورت ۾ بچي سگهجي ٿو.
پر سوال اهو آهي ته تيز رفتار سفر دوران اوچتو جڏهن ته بريڪ جو پيڊل دٻايو وڃي ۽ گاڏي جي رفتار گهٽ نه ٿئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان سوال جو جواب ٽاپ ڊرائيور نالي ويب سائيٽ جي هڪ مضمون ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ان صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي.
نه ڪرڻ وارا ڪم
جيڪڏهن گاڏي جون بريڪن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ته ان صورت ۾ گاڏي کي محفوظ طريقي سان بيهارڻ لاءِ ماهرن ڪجهه شين کان بچڻ جا مشورا ڏنا آهن جيڪي هن ريت آهن.
حواسن تي ظابطو رکو
جڏهن اوهان کي خبر پوي ته بريڪن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ته ايندڙ ڪجهه گهڙيون تمام گهڻو اهم هوندا آهن جنهن کي صحيح نموني مينيج ڪرڻ سان گاڏي جي محفوظ طريقي سان بيهڻ جا سئو سيڪڙو تائين امڪان هوندا آهن جڏهن ته ٻي صورت ۾ گاڏي ڀوائتي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿي.
مضمون ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ قطعي نه گهٻرائڻ گهرجي ۽ پنهنجن حواسن کي ظابطي ۾ رکڻ گهرجي.
يڪدم اسپيڊ گهٽائڻ جي ڪوشش نه ڪريو
گاڏي جي بريڪن جي فيل ٿيڻ جو پتو پوندي ئي ڊرائيور گاڏي جي رفتار گهٽائڻ چاهيندو آهي ۽ ائين ڪرڻ ٺيڪ به آهي، پر يڪدم چوٿين کان پهرين گيئر ۾ وڃڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ائين ڪرڻ سان گاڏي تي اوهان جو ڪنٽرول متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ اها حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿي انڪري مرحليوار رفتار گهٽايو.
ريورس گيئر نه لڳايو
بريڪس جي ڪم ڇڏڻ بعد ڪڏهن به گاڏي کي ريورس گيئر ۾ نه هلايو ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان پويان ايندڙ گاڏي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان هوندو آهي، ايڪسليٽر جو استعمال ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ رڳو ڪلچ استعمال ڪريو.
گاڏي بند نه ڪريو
جيڪڏهن هلندڙ گاڏي کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ائين ڪرڻ سان اها بُري طرح متاثر ٿيندي آهي، ائين ڪرڻ سان پاور اسٽيئرنگ غيرفعال يا لاڪ به ٿي سگهي ٿي جنهن بعد گاڏي تي اوهان جو ڪنٽرول متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ صورتحال خراب وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اهڙي نموني نيوٽرل ڪرڻ تي به گاڏي ظابطي مان نڪري سگهي ٿي.
يڪدم ايمرجنسي بريڪ نه لڳايو
اهڙي صورت ۾ ڊرائيور اڪثر ايمرجنسي بريڪ ڏانهن وڃڻ جو سوچيندا آهن اها به يڪدم نه لڳائڻ گهرجي، ان کان اڳ رفتار گهٽائي وڃي، يڪدم ايمرجنسي بريڪ لڳائڻ سان گاڏي ظابطي مان نڪري سگهي ٿي.
ماهرن جتي ڪجهه ڳالهين کان بچڻ جا مشورا ڏنا آهن، اتي ئي ڪجهه اهم ڳالهين تي عمل ڪرڻ تي زور به ڏنو ويو آهي، جن جي مدد سان حادثي جو شڪار ٿيڻ کانسواءِ گاڏي روڪي سگهجي ٿي.
هنگامي لائٽس ۽ هارن
هنگامي لائٽس آن ڪري ڇڏيو ۽ هارن جو هر هر استعمال ڪريو، ان جو فائدو اهو ٿيندو جو ڀرپاسي کان گذرندڙ گاڏين کي هنگامي صورتحال جو اندازو ٿي ويندو ۽ هو اوهان لاءِ رستو ڇڏينديون رهنديون.
هوريان هوريان رفتار گهٽايو
ماهرن موجب، جيڪڏهن گاڏي ۾ ڪروز ڪنٽرول آهي ۽ آن آهي ته ان کي آف ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ رفتار هوريان هوريان گهٽايو .
بريڪ پيڊل کي دٻائيندا رهو
اڄڪلهه ڪجهه جديد گاڏين ۾ ڊبل بريڪنگ سسٽم هوندو آهي جيڪو اڳئين ۽ پوئين ڦيٿن جي بريڪن کي ڪنٽرول ڪندو آهي . انڪري بريڪ پيڊل کي دٻائي رکڻ سان رفتار گهٽجڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر اهو طريقو تڏهن ڪارائتو ثابت ٿيندو جڏهن ٻئي بريڪس سسٽم مڪمل طور تي فيل نه ٿي چڪا هجن.
ايمرجنسي بريڪ
ايمرجنسي بريڪ سسٽم اوهان کي فوري طور تي نه روڪيندو پر ان جي مدد سان رفتار ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي، ايمرجنسي بريڪ جو استعمال احتياط سان ڪريو ۽ يقيني بڻايو ته ان سان گهڻي حد تائين رفتار گهٽجي چڪي آهي ۽ ان وقت اوهان جا هوش اُڏيل نه هجن ۽ صورتحال تي اوهان جي ڪنٽرول هجي.
گارڊ ريلز
هي گاڏي روڪڻ جو آخري طريقو آهي جيڪو رڳو ان صورت ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي جڏهن مٿي ڄاڻايل سمورا طريقا ڪارگر ثابت نه ٿين.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪو به طريقو مددگار ثابت نه ٿئي ۽ گاڏي جي رفتار به گهٽ نه ٿئي ته ان صورت ۾ گاڏي کي ڊيوائيڊر يا گارڊ ريلز سان رڳڙڻ شروع ڪريو ائين ڪرڻ سان رفتار گهٽبي ۽ گاڏي به بيهي ويندي، ياد رکو گاڏي ڪيتري به قيمتي هجي اوهان جي زندگي کان وڌيڪ نٿي ٿي سگهي.
بريڪ فيل ٿيڻ جون نشانيون
گاڏي جون بريڪون جڏهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ته گاڏي ۾ ڪجهه نشانيون ظاهر ٿينديون آهن جنهن ۾ پيڊل دٻائڻ تي آواز پيدا ٿيڻ ۽ بريڪ جي تار ٽٽي وڃڻ به شامل آهي.
بريڪ فيل ٿيڻ جي سببن ۾ سلينڊر جو ليڪ ٿيڻ به شامل هوندو آهي جنهن سان بريڪ تيل وهائڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بريڪ لڳائڻ لاءِ جيڪو پريشر گهربل هوندو آهي اهو ناهي ملندو، انڪري ماهرن جو چوڻ آهي ته وقت به وقت بريڪس ۽ آئل چيڪ ڪرائڻ گهرجي.