وڊيو شيئرنگ جي مشهور ٽڪ ٽاڪ ايپ هاڻ پاڻ کي مڪمل سوشل ميڊيا نيٽورڪ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ته جيئن انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ کي سخت ٽڪر ڏئي سگھجي.
ان مقصد لاءِ ٽڪ ٽاڪ طرفان سوشل ميڊيا نيٽورڪنگ فيچرز ۽ ميسيجنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ نئين ٽيم کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.
اها ڳالهه نئين رپورٽ ۾ سامهون آئي آهي.
رپورٽ موجب ڪمپني ٽڪ ٽاڪ سوشل لاءِ پراڊڪٽ مينيجر کي ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن واهپيدارن وچ ۾ بامقصد سماجي رابطن کي يقيني بنائي سگھجي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمپني واهپيدارن کي پليٽ فارم جي اندر رکڻ چاهي ٿي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ جي اندر ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي جو واهپيدار پنهنجون ننڍيون وڊيوز ٻين سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپس ۾ شيئر ڪندا آهن ته جيئن پنهنجن دوستن جي راءِ ڄاڻي سگھن.
ٽڪ ٽاڪ سوشل لاءِ نئين ٽيم جي ذريعي اها ڪمپني هڪ اهڙو پليٽ فارم آڻڻ چاهي ٿي جنهن ۾ واهپيدار پنهنجن دوستن سان ٽڪ ٽاڪ جي اندر ئي رابطو ڪري سگھن ۽ اتي ئي پنهنجون وڊيوز ۽ ٻين شيون شيئر ڪري سگھن.
ان مقصد لاءِ ميسيجنگ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڪمپني تسليم ڪيو آهي ته اسان جي ميسيجنگ جي صلاحيت شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ باصلاحيت ماڻهن تي ٻڌل ٽيم جي ذريعي ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪ کي ننڍين وائرل وڊيوز لاءِ سڃاتو ويندو آهي جنهن ۾ لائڪس، ڪمينٽس ۽ ري پوسٽس جهڙا فيچرز ته موجود آهن پر ميسيجنگ تي گھڻو ڌيان ناهي ڏنو ويو.
تڪ ٽاڪ جي مخالف پليٽ فارمز جهڙوڪ انسٽاگرام ۾ ننڍين وڊيوز تي هاڻ وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ انهيءَ کي ڏسندي تڪ ٽاڪ طرفان سوشل ميڊيا فيچرز کي وڌائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته واهپيدارن جي تجربي کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرائيندي به اسان جو ڌيان سدائين بنيادي بزنس ماڊل (يعني وڊيوز) تي هوندو.
Next Post
You might also like