ڌرڻن جي صورتحال ۽ راشد محمود سومري جو موقف

پنجن ڏينهن کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مغوين جي بازيابي ۽ هندو برادري سان ايڪي جي اظهار لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ مک ڌرڻو ڪشمور ۾ هنيو ويو آهي جيڪو ٽن مغوين جي بازيابي کانپوءِ به جاري آهي.
ساگر ڪمار جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اهو به اڄ رات تائين بازياب ٿي ويندو جڏهن ته پريا ڪماري جي بازيابي جي حوالي سان ڪنهن انتظامي عملدار ڪا خاطري ناهي ڪرائي.

مولانا راشد محمود سومري جو به هاڻي موقف سامهون اچي ويو آهي.

اڄ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا ۽ شٽربند هڙتالون ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو، ڪجهه مغوين جي بازيابي بعد اهي ڌرڻا ختم ٿيا آهن پر مکيا ڌرڻو جاري آهي جيڪو سڀني مغوين جي بازيابي تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب هن وقت تائين مکي جڳديش ڪمار، جئي ديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي چڪا آهن.
پر ساگر ڪمار بازياب ناهي ٿيو جڏهن ته پريا ڪماري جي وارثن ڪنهن به خاطري ناهي ڪرائي ته نياڻي کي بازياب ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.