سوات (ويب ڊيسڪ) سوات جي شهر مينگورا ۾ پيءُ ٻار سامهون ماءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعو مينگورا جي علائقي بنڙ ۾ پيش آيو، جتي مقتولا مڙس خلاف سول ڪورٽ ۾ خلع جو ڪيس داخل ڪيو هو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته اختر علي خلع جو ڪيس داخل ڪرائڻ تي زال سان ڪاوڙيل هو، جنهن تي هن پٽ سامهون فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like