غربت توهان جو ڏوهه به آهي! پاڪستان ۾ پئسو ڪمائڻ جا بهترين ذريعا

پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري گهرو خرچ پورا ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ توهان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪومتن جو ڏوهه ته آهي ئي آهي پر انهن جي ڏوهه جي ڪري پنهنجي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندو، جيڪڏهن توهان ملڪ جي اهڙي صورتحال تي رڳو حڪومت ڏوهه ڏئي چپ ڪري ويهي رهو ٿا ته اهو توهان جو ڏوهه آهي. توهان چاهيو ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا.

حڪومتن خلاف احتجاج ڪرڻ، پنهنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ نه رڳو توهان لاءِ لازم پر فرض پڻ آهي پر توهان کي گهرجي ته پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهو.

اها خوشقسمتي چئبي ته پاڪستان ۾ هاڻي ڪمائي وڌائڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن جيڪي ٿي سگهي ٿو ته سڀني کي خبر نه هجي يا وري انهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان نه هجي پر حقيقت اها آهي ته اهي طريقا توهان جون پريشانيون ختم ڪري سگهن ٿا.

سڀ کان پهريون ته توهان پنهنجي تعليم بهتر ۽ پاڻ بهتر هنرمند بڻايو اهو توهان جي مختلف جاين تي اهميت وڌائي ٿو اهي ٻئي طريقا توهان کي ڪڏهن به مايوس، مجبور ۽ محتاج نه ٿيڻ ٿيندا، توهان جي تعليم سُٺي هوندي ۽ سُٺو هنر هوندو ته توهان جي جاءِ پاڻ ئي مختلف جاين ۾ ٺهندي رهندي.

ان لاءِ ضروري آهي ته جديد قسم جا ڪورسز به ڪيو جيڪي اڄڪلهه يوٽيوب تي ۽ مختلف فلاحي ادارن طرفان مفت ۾ به ڪرايا وڃن ٿا اهي توهان جي ڪمائي وڌائڻ جو بهترين ذريعو بڻبا.

ڳالهه نمبر ٻه ته توهان نوڪري جي پٺيان ڊوڙڻ ۽ نوڪرين جو انتظار ڪرڻ بدران ڪو نه ڪو ننڍو ئي صحيح پر پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. ماهر ڪاروباري ماڻهن جو مشورو هوندو آهي ته بهترين ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ۽ ڪاروبار ۾ ڪاميابي جي لاءِ توهان منڍ مطلب ته ننڍي کان ننڍي ڪاروبار کان شروعات ڪيو، ڀلي توهان کي روڊ تي بيهي بال پينون ڇو نه وڪڻڻيون پون پر ان سان توهان کي ڪاروبار جي سمجهه اچي ويندي ۽ توهان ڪاروبار کي وڌائڻ جي صلاحيت سکي ويندا.

هر ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ توهان کي پهريان سُٺي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪاروبار تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته توهان جي علائقي ۾ ڪهڙو ڪاروبار ڪهڙي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري سگهي ٿو. اڄڪلهه ماڻهو وڌيڪ سهولتن جا عادي ٿي ويا آهن انڪري توهان جيڪڏهن پنهنجي پراڊڪٽ ماڻهن کي انهن جي دروازي تائين پهچائيندا ته ان سان مارڪيٽ ۾ توهان جي گهرج وڌندي. ان لاءِ توهان کي تمام بهترين ورتاءَ به اختيار ڪرڻو پوندو جيئن هڪ ڀيرو خريد ڪندڙ توهان جو گراهڪ توهان ڏانهن ٻيهر پاڻ وڌي اچي.

جڏهن ته پاڪستان ۾ فري لانسنگ جو وڌندڙ رجحاڻ به ڪمائي وڌائڻ جو انتهائي بهترين ذريعو آهي. هن وقت ڪيترائي آن لائن پليٽ فارمز موجود آهن جن تي توهان پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي بهترين ناڻو ڪمائي سگهو ٿا. جهڙوڪ فائيور ۽ اپ ورڪ. انهن ٻنهي جاين تي توهان کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو پر جڏهن توهان جي مارڪيٽ ۾ سڃاڻپ ٿي ويندي ته توهان ڊالرن ۾ ناڻو ڪمائي سگهو ٿا. اتي ڪيتريون ئي ٽيڪنيڪل شيون ڪري سگهجن ٿيون جن لاءِ توهان کي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ، ڊزائننگ ۽ ٻين ڪمن جي بهترين ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.

انکانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ يا ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري به توهان جي لاءِ تمام بهترين ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه پيسا آهن يا وري ڪو اهڙو ايسٽ جهڙوڪ گاڏي، ملڪيت، سون يا ڪا ٻئي مهانگي شيءِ ته توهان انکي وڪڻي اسٽاڪ مارڪيٽ يا وري ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري ڪيو اهو توهان جي ڪمائي وڌائڻ جو بهترين ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو.  ان لاءِ توهان کي مهارت به هجڻ ضروري آهي ائين ناهي ته توهان ڪا اهڙي ملڪيت وٺو جيڪا توهان کي فائدو ڏيڻ بدران نقصان ڏئي وڃي.

جيڪڏهن توهان وٽ ڪا نوڪري آهي ته توهان واڌو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن توهان کي ٿوري به واندڪائي ٿئي ٿي ته توهان ٻاهر نڪرو ۽ پنهنجي فيلڊ جي حساب سان فري لانسنگ سميت ڪو ٻيو ڪم شروع ڪيو. اڄڪلهه آن لائين سواري، کاڌا پيتا ۽ ٻيو سامان پهچائڻ جو به ڪم به عام ٿيندو پيو وڃي توهان اهو ڪم به ڪري سگهو ٿا. جڏهن ته سيلز مين وارو ڪاروبار به انتهائي بهتر آهي. توهان سستي مارڪيٽ مان ڪهڙي به قسم جي شيءِ کڻي پنهنجي يا ڪنهن ٻئي علائقي جي دڪاندارن کي پنهنجي مناسب منافعي سان ڏئي ڪمائي وڌائي سگهو ٿا. ان سان توهان کي پهريون سيمپل طور ڪجهه شيون کڻڻيون پوندو، گراهڪ ٺاهڻا پوندا انکانپوءِ توهان هڪ ڏينهن ئي سيڙپڪاري پندرهن سئو کان ٻه هزار تائين جي منافعي سان هڪ ڏينهن ۾ ڪمائي سگهو ٿا.

اهو به ياد رکو ته ڪمائڻ جي لاءِ توهان کي محنت جي ضروري پوندي بنا محنت جي توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو، ٿوري محنت ڪري توهان پنهنجون صلاحيتون وڌائڻ سميت ناڻو ڪمائي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.