مراد علي شاهه جي ڌڙابندي، ڪرسيءَ خاطر پارٽي کي به ٻوڙي ڇڏيائين

عطا الله ميمڻ

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي مسلسل 15 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ رهي آهي، ان عرصي دوران ٻه وڏا وزير رهيا، هڪ سيد قائم علي شاهه ۽ ٻيو سيد مراد علي شاهه. 15 سالن جي ان عرصي ۾ اڌ عرصو قائم علي شاهه ۽ اڌ عرصو مراد علي شاهه جي حصي ۾ آيو، ٻنهي جو واسطو پيپلز پارٽي سان نئون نه تمام پراڻو هو، قائم علي شاهه ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل آهي، جڏهن ته سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي لاڏاڻي کانپوءِ پيپلز پارٽي سان جڙيو. سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ به مراد علي شاهه کي ناڻي واري اهم وزارت سونپي وئي هئي، اڃا هو سياست ۾ نئون آيو هو ته ان جي ايمانداري، سچائي ۽ ڪم جي لڳاءَ جو چرچو گهڻو هو، جڏهن ڪو نئون پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ته ان جا فائدا ڳڻايا ويندا آهن، ان کي وڌائي پيش ڪيو ويندو آهي، مراد علي شاهه جي مارڪيٽنگ به ڪجهه اهڙي ئي ٿي هئي، سڄي سنڌ ۾ ان جا چرچا ٿي ويا ۽ مٿان وري هو عبدالله شاهه مرحوم جو پٽ هو ته ان جي حڪومتي دور ۾ گهڻن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون هيون ۽ آفيسر مراد علي شاهه جي دور ۾ اچي وڏن وڏن عهدن تائين پهچي چڪا هئا ته انهن به پنهنجو پراڻو قرض لاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ مراد علي شاهه جي واهه واهه ڪندي ان جي قافلي ۾ شامل ٿي ويا، ائين بيورو ڪريسي ۾ به مراد علي شاهه جو هڪ سٺو اثر ٿي ويو پر سنڌ جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ايترو ڪافي نه هو، مراد علي شاهه پارٽي ۾ پنهنجو هڪ مضبوط گروپ جوڙيو، جنهن قائم علي شاهه جي ناڪامين جا چرچا عام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ هڪ منظم طريقي سان لابنگ ڪري مراد علي شاهه کي وڏي وزارت جو بهترين اميدوار بڻائي سامهون آندو ويو، ان گروپ ۾ شرجيل انعام ميمڻ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪافي وڏا وڏا نالا جيڪي قائم علي شاهه کانپوءِ وڏ وزارت حاصل ڪرڻ جي فهرست ۾ شامل هئا، شرجيل ميمڻ انهن سڀني جو پتو ڪاٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻئي حڪومتي دور ۾ قائم علي شاهه کي رخصت ڪري اڌ عرصي لاءِ مراد علي شاهه کي وڏو وزير بڻايو ويو.
اهو عرصو ختم ٿيو ته 2018 جون چونڊون اچي ويون، جيڪي شايد پيپلز پارٽي لاءِ ڪافي ڏکيون هيون پر ”هڪ زرداري سڀني تي ڀاري“ ته زرداري صاحب وڏي مهارت سان پنهنجي روايتي سياست ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي چونڊون به کٽيون، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وڏي وزارت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شروع ٿي، آغا سراج دراني، مير نادر مگسي ۽ مراد علي شاهه جا نالا ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳا پر پارٽي اندر موجود مضبوط گروپ ڪامياب ٿي ويو ۽ مراد علي شاهه جو وڏو وزير بڻجي ويو، هاڻ حالتون اڳ جهڙيون نه هيون، بلاول ڀٽو زرداري گهڻو سمجهدار ٿي ويو هو ۽ هن (ظاهري طور تي) پارٽي جي ڪمان پنهنجي هٿ ورتي هئي ۽ هن چاهيو ته عوام کي ڪجهه ڊليور ڪيو وڃي، مراد علي شاهه به وڏي سرگرمي ڏيکاري ۽ وڏا وڏا اعلان ۽ واعدا ڪيا ته مون کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ته سنڌ کي پئرس بڻائي ڇڏيندس وغيره وغيره. حلف کڻڻ کانپوءِ ڪابينا وجود ۾ آئي ته پهرئين مرحلي ۾ مراد علي شاهه کي وڏ وزارت جي عهدي تائين پهچائڻ وارو سرگرم شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا ساٿي ان ۾ شامل نه هئا پر چيو ويندو آهي ته پردي پويان سڄو سسٽم اهو ئي گروپ هلائيندو رهيو، جڏهن ان گروپ کي اڳيان ڪليئرنس ملي ته اهو به ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو ۽ پوءِ مراد علي شاهه مضبوط بڻجي ويو، هاڻ سڀ ڪجهه مراد علي شاهه جي هٿن ۾ هو ۽ عوام به هڪ وڏي تبديلي جي اميد لڳائي ويٺو هو، بدقسمتي سان مراد علي شاهه پاڻ کي وزيراعليٰ هائوس، جهانگارا باجارا تائين محدود ڪري ڇڏيو، 2018 جي چونڊن ۾ ڄامشوري ضلعي ۾ وڏي سياسي هلچل هئي، پ پ خلاف هڪ سيد جلال محمود شاهه، پ پ سان ڪاوڙيل سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن مضبوط اتحاد بڻايو پر ڄامشوري جي سياست جو محور سمجهئي ويندڙ ملڪ اسد سڪندر وڏي چالاڪي ۽ هوشياري سان سڄي ضلعي ۾ پ پ کي ڪامياب ڪرائي مراد علي شاهه کي سرخرو ڪيو، ايتري تائين جو پنهنجي روايتي قومي اسيمبلي جي سيٽ هن مراد علي شاهه جي جهولي ۾ وجهي ڇڏي ۽ مراد علي شاهه اها سيٽ عوام کي پري رهندڙ سڪندر راهپوٽو کي ڏئي ڇڏي، جنهن ڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تڪ لاءِ لفظ نه ڳالهايو، اها الڳ ڳالهه آهي ته سڄو ضلعو کٽرائيندڙ ملڪ اسد سڪندر سان به وفا نه ڪئي وئي.
مراد علي شاهه جي سڄي دور ۾ پ پ کي ناڻي واري وزارت هلائڻ لاءِ ڪو قابل ماڻهو نه مليو، سڄي عرصي ۾ مراد علي شاهه اهو قلمدان پاڻ وٽ رکيو ۽ وزيراعليٰ هائوس پنهنجي خاص ماڻهو سليم باجاري حوالي ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزارت ۽ وزيراعليٰ هائوس هاڻ هڪ ئي ماڻهو هلائيندو هو، جنهن جو نالو سليم باجاري هو، سليم باجاري ڪا ڪارناما ڪنهن کان لڪل ناهن، مراد علي شاهه جي سڄي دور ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ڏي وٺ ۾ رڳو سليم باجاري جو نالو ئي گردش ڪندو، ڪيترائي ڀيرا ان خلاف انڪوائريون شروع ٿيون پر وزيراعليٰ هائوس جي پريشر ۾ اهي ختم ٿي ويون، هاڻ جيئن ئي پ پ جي حڪومت ختم ٿي آهي ته اندران سموريون ڪهاڻيون ٻاهر اچڻ شروع ٿي ويون آهن، سليم باجاري جا ڪارناما به منظر تي اچي رهيا آهن ته مراد علي شاهه جي عوام سان دشمني جا قصا به ظاهر ٿي رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مراد علي شاهه کي وڏ وزارت سان ايترو لڳاءُ هو جو هو اهو عهدو پاڻ وٽ رکڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندو هو، حلف کڻڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس ڪيترن ئي معاملن ۾ محدود ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته توهان پنهنجي ضلعي ڄامشوري کي ڏسو، باقي ٻين ضلعن سان توهان جو ڏيڻ وٺڻ ناهي، ايتري تائين جو ڪنهن اهم معاملي تي وزيراعليٰ هائوس جو ڪو بيان جاري ٿيندو هو ته اهو به ڪنهن ٻي جاءِ تان ٿيندو هو، مراد علي شاهه کي رڳو ايترو چيو ويندو هو ته توهان جي نالي سان اهو بيان جاري ڪيو پيو وڃي، توهان کي ها ۾ ڪنڌ لوڏڻو آهي.
مراد علي شاهه سڀ ڪجهه قبول ڪيو پر هڪ ئي اپيل ڪئي ته مون کي وڏ وزارت تان نه هٽايو، پنهنجي سڄي دور ۾ مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترسيو، سنڌ ۾ ڪيترائي ضلعا آهن، يقين سان چئي سگهون ٿا ته پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ هو وڌ کان وڌ رڳو 10 ضلعن ۾ ئي ويو هوندو، اهو به جتي جتي کيس اجازت ڏني وئي هجي، ڄامشوري جو وڏو وزير رهڻ باوجود مراد علي شاهه پنهنجي ضلعي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اڃا حڪومت کي ختم ٿئي ڪجهه ڏينهن ئي گذريا آهن ته سڄي ضلعي ۾ مراد علي شاهه خلاف پنهنجي پارٽي طرفان تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، ان جو ڪارڻ ڪارڪنن کي پنهنجي حقن کان محروم رکڻ ٻڌايو پيو وڃي، ڄامشوري ضلعي ۾ سوشل ميڊيا تي مراد علي شاهه نامنظور جي نالي سان مهم شروع ٿي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري ڏينهن ۾ حڪومت نوڪريون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، ڄامشوري ضلعي ۾ مراد علي شاهه جي خاص ماڻهو سليم باجاري رڳو سيوهڻ تعلقي ۾ 11 سئو کان وڌيڪ نوڪرين جا آرڊر ورهايا، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو، ان ضلعي ۾ هڪ ايم اين اي ۽ ٽي ايم پي ايز آهن، ٽن ايم پي ايز مان هڪ ته مراد علي شاهه ٿي ويو، باقي بچيا ملڪ اسد سڪندر، گيانچند ايسراڻي ۽ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو. ذريعن موجب ملڪ اسد سڪندر کي رڳو 25 آرڊر ڏنا ويا، جڏهن ته گيانچند ايسراڻي کي 17 آرڊر مليا ۽ سڪندر راهپوٽو جا آرڊر به سليم باجاري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. پ پ ضلعي ڄامشوري جو صدر سيد آصف علي شاهه، مراد علي شاهه جو ويجهو مائٽ آهي، ان کي سئو کان وڌيڪ آرڊر ڏنا ويا پر اهي به ڪارڪنن بدران سيوهڻ ۾ ئي ورهائجي ويا. ملڪ اسد سڪندر ته 25 آرڊر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گيانچند ايسراڻي 25 آرڊر وٺي پنهنجن ۾ ورهائي ڇڏيا. سيوهڻ ۾ نوڪرين جي ورهاست سبب ڄامشوري ضلعي ۾ مراد علي شاهه خلاف نفرت جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، هاڻ سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيا پيا وڃن ته حڪومت وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو مراد علي شاهه جي تڪ اچڻ تي آجيان نه ڪئي ويندي پر احتجاج سان رستو روڪيو ويندو، سليم باجاري ڄامشوري ضلعي ۾ مراد علي شاهه جي سياست کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.