سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ برائوزر گوگل ڪروم جي واهپيدارن کي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ماهرن جو چوڻ هو ته برائوزر ۾ اضافي طور تي استعمال ڪيا ويندڙ ايڪسٽينش واهپيدارن جو پاسورڊ ۽ ٻي حساس ڄاڻ چورائي سگھن ٿا.
يونيورسٽي آف ونسڪونسن-ميڊيسن جي محققن طرفان سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان جاري ڪيل نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 17 هزار 300 جي ويجهو ڪروم برائوزر ايڪسٽينشن گوگل، فيسبڪ ۽ ايمازون سميت سوين ويب سائيٽس تان پاسورڊز ۽ ٻين حساس ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
اهي ايڪسٽينشن واهپيدارن کان سڀني ويب سائيٽس تي انهن جي ڊيٽا تائين پهچ جي اجازت وٺن ٿا جنهن کان پوءِ اهي ايڪسٽينشن انهن ويب سائيٽ ۾ درج ڪئي ويندڙ ڄاڻ سولائي سان استعمال ڪري سگھن ٿا.
ايمازون جي معاملي ۾ واهپيدارن جي ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل ويب سائيٽ جي سورس ڪوڊ ۾ واضح ٿيندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ان قسم جا برائوزر ايڪسٽينشنز ان ڄاڻ کي سولائي سان حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ سائبر ڏوهارين کي فراهم ڪري سگھن ٿا.
Prev Post
You might also like