اڄڪلهه شگر جو مرض عام ٿي ويو آهي، اهو نه رڳو پاڻ هڪ بيماري آهي پر ٻين ڪيترين ئي بيمارين جي جڙ پڻ آهي، سُٺي ڳالهه وري اها به آهي ته طرز زندگي مٽائي به ان مرض جي خطرن کان بچي سگهجي ٿو. ان مرض جي جيڪڏهن وقت تي خبر پوي ته ان تي ضابطو آڻي ٻين خطرن کان به بچي سگهجي ٿو.
اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون نشانيون ٻڌائينداسين جيڪي ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿيون، اهي نشانيون ايتريون عام آهن جو ماڻهو انهن ڏي گهڻو ڌيان ناهي ڏيندو پر توهان انهن بابت سنجيده ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي شگر جي مرض جون علامتون ٿي سگهن ٿيون، انڪري توهان کي فوري طور تي پنهنجي شگر چيڪ ڪرائڻ گهرجي.