لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ افغانستان کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
لاهور ۾ کيڏي ويندڙ گروپ بي جي آخري ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم افغانستان کي ٻه رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
قذافي اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ٺاهيون.
ڪوشل مينڊس 92، پاٿم نسانڪا 41، چارٿ اسالانڪا 36، دونٿ ولالاگي 33، ديمٿ ڪرونارتني 32، مهيش ٿيڪشانا 28 رنسون ٺاهيون.
افغانستان طرفان گلبدين نائب بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا.
جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 37.4 اوورن ۾ 289 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، محمد نبي 65، حشمت الله شاهدي 59، رحمت شاهه 45 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
سريلنڪا جي ڪاسن راجيٿا 4، ڌنانجيا ڊي سلوا ۽ دونٿ ولالاگي 2-2، مهيش ٿيڪشانا ۽ مهيشا پٿيرانا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪن ٽيم اهڙي ڪاميابي کانپوءِ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پهچي وئي آهي، پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون اڳ ئي سپر فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.
You might also like