ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت کنڊ جي اگھن ۾ واڌ تي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي ذريعن موجب سڀني شگر ملز جي گيٽ تي ايف بي آر ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن ۽ ناڻي واري وزارت سمگلرن خلاف ڪارروايون به شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب افغانستان ۽ ايران جي سرحدن تي به چيڪنگ وڌائي وئي آهي ۽ سرحدن تي سمگلرن جي چُر پُر روڪڻ لاءِ ڳجهن ادارن جي مدد ورتي پئي وڃي.
فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ کنڊ جي ذخيري اندوزي کي روڪڻ لاءِ خاص ٽاسڪ فورس بڻائي وڃي ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف به ڪارروايون تيز ڪيون وڃن.
ٻي پاسي ايف بي آر شين جي غير قانوني چُر پُر ۽ سمگلنگ روڪڻ لاءِ آزاد ڪشمير کي پاڪستان سان ڳنڍيندڙ ٻن شاهراهن تي چوڪيون قائم ڪري ورتيون آهن.
ايف بي آر ڪوهالا پل ۽ منگلا پل تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ۽ چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر موجب ڪوهالا پل تي قائم ڪيل چيڪ پوسٽ تي ٻن موبائل ٽيمن جي سهولت هوندي، ڪوهالا پل چيڪ پوسٽ جو دائرو مري ايڪسپريس وي، جي ٽي روڊ ۽ ڀور بن روڊ کان بارا ڪهو تائين آهي.
Prev Post
You might also like