ايشياڪپ ۾ بنگلاديش کي وڏو جهٽڪو، سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر ٻاهر

ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ نجم الحسن شانتو انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

شانتو ٽي سپٽيمبر تي لاهور ۾ افغانستان خلاف 104 رنسن جي اننگز دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.

بي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم بيٽر کي آرام جو مشورو ڏنو ته جيئن کيس ايندڙ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ محفوظ رکي سگهجي جنهن ۾ باقي ٽيهه ڏينهن بچا آهن.

ٽيم فزيو جو چوڻ آهي ته احتياط طور شانتو ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ حصو نه وٺندو ۽ بحالي شروع ڪرڻ ۽ عالمي ڪپ جي تياري لاءِ وطن واپس ايندو.

ٻئي پاسي هنيئر تائين سندس متبادل جو اعلان ناهي ڪيو ويو، پر بخار مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ لٽن داس جي واپسي ٽيم لاءِ وڏو ڏڍُ ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.