هاڻي وٺو، پيسا پوءِ ڏجو، هڪ ڪروڙ خريدارن جي رش لڳي وئي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هاڻي خريد ڪريو، پيسا بعد ۾ ڏيو جي سهولت مان فائدو وٺندڙن جو انگ وڌندو

پيو وڃي.

ڪمپنين جي واهپيدارن جو انگ سعودي عرب ۾ هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

2021 دوران ان آڇ دوران ڪمپنين جي واهپيدارن جو انگ 30 لک هو.

سعودي سينٽرل بينڪ ساما جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب انهن ڪمپنين جا 58 سيڪڙو واهپيدار آهن.

2022 دوران انهن جو انگ 5.8 ملين هو جڏهن ته 2021 ۾ اهو انگ 60 سيڪڙو وڌيو.

ان سهولت ذريعي خريد ڪيل سامان جو مجموعي اگهه 8.7 ارب ريال تائين پهچي ويو هو جڏهن ته ان کاناڳ سال 2021 ۾ 1.8 ارب ريال جو سامان ان نظام تحت خريد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.