”مان ته تنهنجي لاءِ خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مقبول اداڪارا نوال سعيد جو چوڻ آهي ته هڪ ڀارتي مداح مون سان شادي ڪرڻ لاءِ مختلف وڊيوز موڪليندو هو.

هن وضاحت ڪئي ته هڪ ڀارتي مداح ساڻس شادي ڪرڻ چاهيندو هو ۽ هڪ ئي وڊيومون کي ٻن مهينن تائين روز موڪليندوهو.

هن چيو ته هو مون کي روز چوندو هو ته اوهان مون کي سٺيون لڳو ٿيون، ڳالهه ايڏي وڌي وئي جو هڪ ڏينهن هن شخص وڊيو شيئر ڪئي جنهن جي هٿ ۾ ڇري کنيل هئي ۽ چئي رهيو هو ته هي منهنجي آخري وڊيو آهي.

هن چيو ته ان ڏينهن بعد وڊيو جو سلسلو بند ٿي ويو، مون کي خبر نه هئي ته هو جيئرو آهي يا واقعي مري ويو.

پوءِ مان سندس پروفائل تي وڃي تسلي ڪئي ته هو جيئرو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.