ڀريا سٽي (ويب ڊيسڪ) ڀرياسٽي ۾ ڪاپي فيئر نه ڪرڻ تي سرڪاري اسڪول جي ماسترياڻي مبينا طور شاگردياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
شاگردياڻي اسڪول کان گھر پھتي ته سندس ماءُ ويڊيو ٺاھي شوسل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.
وائرل ٿيل ويڊيو ۾ شاگردياڻي جي ماءُ دانهيندي چيو ته منھنجي نياڻي چوٿين ڪلاس ۾ پڙھندي آھي، ماسترياڻي صدف ڪاپي فيئر نه ڪرڻ تان منھنجي نياڻي کي لٺيون ھڻي وحشياڻو تشدد جو نشانو بنايو آھي، جنھن سبب ھوءَ زخمي ٿي پئي آھي.
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آھيون، نجي اسڪولن ۾ ڳري فيس سبب ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائي رھيا آھيون پر اتي غريبن سان اھڙو حشر آھي.
شاگردياڻي جي ماءُ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ماسترياڻي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
Next Post
You might also like