ڪنري ڀرسان هندو نوجوان گم، وارث پريشان

ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنري ڀرسان گم ٿيل هندو نوجوان جو پتو نه پيو، جنهن سبب سندس وارث پريشان آهن.
ڪنري ويجھو ميمڻ ڪنري واسي 20 سالن جو نوجوان مٺو پٽ چيتن ميگھواڙ ٻه ڏينھن اڳ پراسرار طور گم ٿي ويو.
نوجوان جي وارثن سندس گمشدگي جي ڪنري ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي.
وارثن موجب مٺو پنھنجي ڀاءُ سان گڏ شھر ۾ مزدوري تي ويو ھو ۽ اتان خرچي وٺي شھر مان برياني کائي واپس اچڻ جو چئي نڪري ويو، جنھن بعد واپس ناهي موٽيو.
هنن چيو ته اسان مٺو جي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به سندس ڏس پتو ناهي مليو، تمام گهڻا پريشان آهيون، اعليٰ اختياريون مدد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.