حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ منهنجو هتي جهڙا ڪيئي لازوال گيت ڳائي مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي لوڪ گلوڪاره فوزيه سومرو جي اڄ 21 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
فوزيه سومرو 1966ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا.
فوزيه سومرو جو ڳايل پهريون ڪلام بيقدرا قدر نه ڪيئي ڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ سندس آواز سنڌ ۾ ڇانئجي ويو.
هن وڊيو ۾ وڌيڪ تفصيل ڄاڻيو