سوڊان: هوائي حملن ۾ ٻارن سوڌو 20 شهري مارجي ويا

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان ۾ فوج ۽ باغي فوجي جٿي وچ ۾ اقتدار لاءِ جنگ ۾ تيزي اچي ۽ راڄڌاني ۾ هوائي حملي ۾ ٻن ٻارن سوڌو 20 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب فوج ۽ باغي فوجي هٿي وچ ۾ جهڙپن دوران خرطوم شهر جي اسپتالن ۾ سڙيل لاش ۽ سڙيل زخمي آندا ويا.
ڪيترن ئي ماڻهن جا عضوا ڌڙ کان ڌار هئا ۽ اهي بري طرح زخمي هئا. فوتگين ۾ واڌ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
باغي فوجي جٿي جي ترجمان ماڻهن جي مارجڻ جي ذميواري حڪومتي فوج کي قرار ڏيندي چيو ته شهري علائقي تي هوائي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو مارجي ويا.
ٻي پاسي اکين ڏٺن شاهدن موجب حڪومتي فورسز باعي فوجي جٿي جي ٺڪاڻن تي توپون ۽ راڪيٽ وسايا. سڄو شهر صبح جو بارود جي آواز سان گونجڻ لڳو.
واضح رهي ته سوڊان ۾ ملڪي فوج ۽ نيم فوجي جٿي وچ ۾ 15 اپريل کان شروع ٿيل اقتدار جي جنگ کان پوءِ تقريبن 5 هزار ماڻهو مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.