ايئر هوسٽس جو فليٽ مان ڳلو ڪَپيل لاش هٿ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ هڪ ايئر هوسٽس فليٽ مان مُئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ورهين جي روپال اوگراءِ کي تکي اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، هوءَ ڇٽيهه ڳڙهه جي رهواسڻ هئي، جيڪا هلندڙ سال اپريل ۾ ممبئي آئي هئي.
مقتولا فليٽ ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ بواءِ فرينڊ سان گڏ رهندي هئي، ان سان گڏ رهندڙ ٻئي ڄڻا 8 ڏينهن اڳ ڳوٺ وڃي چڪا هئا.
پوليس قتل جي شڪ ۾ سوسائٽي جي ملازم جي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.