مهانگائي ۽ امن امان کان وڌيڪ سنگين مسئلو گم ٿيل ماڻهن جو آهي: اختر مينگل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومت ڪيئر ٽيڪر نه پر انڊر ٽيڪر آهي.
ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ امن امان کان وڌيڪ سنگين مسئلو گم ٿيل ماڻهن جو آهي، اڄ بلوچستان جو ڪو علائقو محفوظ ناهي ۽ حالتون اڳ جهڙيون ئي آهن.
هن چيو ته بي اين پي کي هڪ پاسي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اڄ به حالتون تبديل ناهن ٿيون، اسان سدائين گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ان موقف سبب اسان کي سياسي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.