سٺ لک گڏهه به قومي معيشت کي بچائڻ ۾ مصروف!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) هن وقت پاڪستان ۾ سٺ لک گڏهه، گهوڙا ۽ خچر آهن جن کان مختلف ڪم ورتو پيو وڃي، هڪ رپورٽ  ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ورڪنگ لائيو اسٽاڪ جي ڪردار ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ ڇهه ملين يعني سٺ لک، گڏهه، گهوڙا ۽ خچر آهن جن کان ڪم ورتو پيو وڃي پر پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات ۾ انهن جو ڪٿي به ذڪر ناهي ڪيو ويندو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پائيدار ترقي، استحڪام، غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي، تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ميمبر مُلڪن 17 هدف مقرر ڪيا آهن.

رڪن مُلڪ اِهي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ڪاميابين جي رپورٽ گڏيل قومن کي پيش ڪندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته 75 سيڪڙو نيون بيماريون جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۾ پائيدار ترقي جي حاصلات لاءِ ورڪنگ لائيو اسٽاڪ جي ڪردار تي نٿو ڳالهايو وڃي.

ان ڏس ۾ سان لاهور ۾ هڪ اهم مشاورتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماهرن ٻڌايو ته رڳو سِرن جي بٺن تي لکين گڏهه ۽ خچرن کان ورتو پيو وڃي، چڪوال، ۽ چواسيدن شاهه ۾ڏهه هزار گڏهه  کاڻن جي کوٽائي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.