ايشياڪپ: گوتم گمڀير جا تماشائين کي اڻوڻندڙ اشارا، وڊيو وائرل

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اوپنر گوتم گمڀير جو ستارو اڄڪلهه ڪجهه گهڻو ئي گردش آهي، ٻه ڏينهن ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي دوران سندس تبصري تي ماحول اڃا ماٺو ئي نه ٿيو هو جو اڄ وري سوشل ميڊيا تي سندس هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

سريلنڪا جي شهر ڪينڊي جي پاليڪيلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيپال ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جاري آهي، ان دوران برسات سبب ميچ ڪجهه وقت لاءِ روڪي وئي .

برسات کانپوءِ ميچ شروع ٿيڻ واري هئي ۽ گوتم ظاهري طور ڪامينٽري باڪس ڏانهن وڃي رهيو هو، جنهن دوران هن تمشائين ڏانهن غيراخلاقي اشارو ڪيو.

سندس اِها وڊيو تيزي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي ڪرڪيٽ شوقين مختلف انداز ۾ تبصرا ڪري رهيا آهن.

ان کان اڳ گوتم گمڀير کي پاڪ – ڀارت مقابلي دوران رانديگرن جو پاڻ ۾ ملڻ جلڻ صفا نه وڻيو ۽ هن اهڙي عمل تي رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

پاڪستاني ۽ ڀارتي رانديگرن کي ايشيا ڪپ جي ميچ دوران ته هڪٻئي سان خوشگوار موڊ ۾ ڏٺو ويو پر هو پريڪٽس دوران به هڪٻئي سان حال احوال ڪندا رهندا آهن، جيڪا ڳالهه گوتم گنڀير کان برداشت نه ٿي.

گوتم گمڀير موجوده ڀارتي ٽيم جي رانديگرن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ميچن دوران مخالف رانديگرن سان دوستاڻو رويو نه هجڻ گهرجي، ملڪ لاءِ کيڏندي دوستي کي ميدان کان ٻاهر ڇڏي اچڻ گهرجي، مخالف رانديگرن جي اکين ۾ ڪاوڙ سان ڏسڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته ميچ جا ڪلاڪ تمام ضروري هوندا آهن، توهان پنهنجي نه ملڪ جي نمائندگي ڪندا آهيو، توهان کي دوستيون نڀائڻيون آهن ته ميچ کانپوءِ نڀايو.

سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه مخالف ٽيمن جا رانديگر هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندا آهن پر اڳ ۾ ائين نه هوندو هو، هاڻ لڳندو آهي ته ڄڻ دوستاڻي ميچ ٿي رهي آهي.

گوتم گمڀير اهو به چيو ته توهان ميچ دوران سليجنگ ڪيو پر ذاتيات تي نه لهو ۽ سدائين پنهنجي حدن ۾ رهو، ميچ دوران ڪنهن فيملي ميمبر کي وچ ۾ نه آڻيو يا انهن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.