اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت جو بجلي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته بجلي جي بلن ۾ رليف سان ساڍا 6 ارب رپين کان گهٽ جو اثر پوندو، آءِ ايم ايف پلان رد ڪندي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جو اثر ٻڌايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 15 اربن جي مالياتي گنجائش پوري ڪرڻ جو پلان به گهري ورتو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٻيهر پلان شيئر ڪرڻو آهي، جنهن سبب دير ٿي رهي آهي، نئون پلان شيئر ٿيڻ تي آءِ ايم ايف اختياريون ۽ ناڻي واري وزارت ٻيهر ڳالهيون ڪنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ مان آئوٽ نه ٿيڻ جي آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي، بلن کي 4 مهينن ۾ وصول ڪرڻ لاءِ به آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب بلن جي قسطن ۾ وصولي جي پلان تي آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
You might also like