بلوچستان جي پهرين عورت ايس ايس پي فريال فريد چارج سنڀالي ورتي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي پهرين عورت ايس ايس پي بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ فريال فريد ايس ايس پي جعفرآباد جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي جعفرآباد جي آفيس پهچڻ تي پوليس دستي کيس سلامي ۽ گلدستو پيش ڪري ڀليڪار چيو.
فريال فريد آفيس پهچندي ئي سڄي ضلعي جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ميٽنگ طلب ڪئي.
واضح رهي ته جعفر آباد سنڌ ۽ بلوچستان جو سرحدي علائقو آهي، جتي قومي شاهراهه جي مسئلن سميت امن امان برقرار رکڻ سدائين هڪ چئلينج رهيو آهي.
هري پور سان واسطو رکندڙ فريال فريد جو مڙس ڊاڪٽر سميع ملڪ به بلوچستان ۾ ئي نصيرآباد ضلعي جو ايس ايس پي مقرر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.