باربي هن سال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ فلم باربي هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ سڀ کا وڌيڪ ڪمائيندڙ فلم بڻجي وئي آهي.
ٻارن جي مشهور رانديڪن جي حوالي سان ٺهيل ان فلم باڪس آفيس تي سپر ماريو کي پوئتي ڇڏي اهو اعزاز حاصل ڪيو.
مارگوٽ روبي ان فلم ۾ باربي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان هيل تائين سڄي دنيا ۾ هڪ ارب 38 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ورتا آهن.
فلم سپر ماريو سڄي دنيا ۾ هڪ ارب 36 ڪروڙ ڊالرز ڪمايا هئا.
باربي جي ڪري ڪورونا وبا کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ گرمي جي موسم دوران باڪس آفيس ڪاروبار 4 ارب ڊالرز تائين پهچڻ ۾ ڪامياب رهيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته باربي سان گڏ رليز ٿيل Oppenheimer هن سال سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ ٽين فلم بڻجي وئي آهي.
اها فلم هيل تائين 85 ڪروڙ 30 لک ڊالرز جو بزنس ڪري چڪي آهي ۽ Guardians of the Galaxy Vol 3 کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي جنهن 84 ڪروڙ 60 لک ڊالرز ڪمايا.
واضح رهي ته باربي ۽ Oppenheimer ٻئي فلمون گڏ 21 جولاءِ تي رليز ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.