عدالت پرويز الاهي کي اٽڪ جيل مان بازياب ڪرائي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي بابت بيان تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
عدالتي حڪمن باوجود پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گرفتاري بابت ٻڌڻي تي عدالت چيو ته هڪ انڪوائري ڪريو، آءِ جي پنجاب کي شوڪاز جاري ڪري رهيا آهيون.
آءِ جي پنجاب چيو ته شوڪاز جاري نه ڪيو رڳو نوٽيس جاري ڪيو، سڀاڻي تائين جو وقت ڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته پهريان شوڪاز جاري ڪيون، ان تي ڪارروائي ٿيندي ۽ سزا ملندي.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته موقعو ڏنو وڃي ته جيئن انڪوائري ڪري عدالت کي رپورٽ پيش ڪيون.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان نٿا ڄاڻو ته پرويز الاهي ڪٿي آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ٻڌايو ته پرويز الاهي جي ڪنهن اٿارٽي يا اداري وٽ نه آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا پوليس کي به ڄاڻ ناهي ته پرويز الاهي ڪٿي آهي؟ جنهن تي آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته اسان کي به ڄاڻ ناهي ته هو ڪٿي آهي، آءِ جي پنجاب جي بيان تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
ٻڌڻي دوران سردار لطيف کوسا به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته پرويز الاهي کي هن عدالت جي حدن کان کنڀيو ويو ته عدالت کي اختيار آهي ته هو ڪنهن به صوبي ۾ حڪم ڏئي سگهي ٿي.
هن چيو ته ڊي آءِ جي آپريشنز گاڏي مان لهي ويو ۽ مون کي به لاٿو ويو، عدالت حڪم جي اهڙي ڀڃڪڙي پنهنجي 50 سالا پيشيواراڻي زندگي ۾ ناهي ڏٺي.
لاهور هاءِ ڪورٽ سيشن جج اٽڪ کي پرويز الاهي کي اٽڪ جيل مان بازياب ڪرائي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي اسلام آباد کي اٺ سپٽيمبر تي توهينِ عدالت جو نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.