رضوانا تشدد ڪيس: سول جج جي زال کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايڊيشنل سيشن جج محمد هارون معصوم گهريلو ملازمه تي وحشياڻي تشدد واري ڪيس ۾ سول جج جي گهرواري کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت سول جج جي گهرواري سوميا عاصم جي رضوانا تشدد ڪيس ۾ هڪ لک رُپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.
واضح رهي ته سوميا عاصم گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.