مڙس کانپوءِ مونکي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: بشريٰ بي بي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ وفاق، نيب، ايف آءِ اي سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم جي زال آهيان، منهنجي مڙس کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
بشريٰ بي بي چيو ته نيب، ايف آءِ اي، پنجاب پوليس سميت ٻين ادارن بي بنياد ۽ قانون جي خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن، مڙس کانپوءِ هاڻي مونکي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ گذارش ڪندي چيو ته جون 2022ع کان اڳ منهنجي خلاف ڪو ڪيس يا انڪوائري التوا هيٺ نه هئي،مونکي جون 2022 کان وٺي داخل، ڳجهن ڪيسن، انڪوائري، انوسٽيگيشن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته عدالت ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻ تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.