شوبز شخصيتن ڏي بجلي جو ڪيترو بل آيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان ۽ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن جتي هڪ پاسي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي اتي ئي شوبز شخصيتن به ان صورتحال کان پريشان آهن.
تازو ئي ناديا خان پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن شوبز سان سلهاڙيل پنهنجن دوستن ندا ياسر، سعديه امام ۽ فضا علي کان پڇيو ته هن جو آخري بل ڪيترو آيو هو.
سعديه امام ٻڌايو ته سندس آخري بل 67 هزار رپيا آيو هو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي گھر سولر سسٽم لڳرائي ڇڏيو آهي.
سعديه موجب سولر سسٽم لڳرائڻ کان پوءِ هن جو بل رڳو 19 هزار رپيا آيو جتيوڻيڪ ان دوران سندس ڀاٽجي جي شادي سبب بجلي جو استعمال به وڌيڪ ٿيو.
مشهور ماننگ شو جي هوسٽ ندا ياسر ٻڌايو ته سندس بجلي جو بل هڪ لک رپيا آيو آهي جيتوڻيڪ هوءَ 15 ڏينهن گھر موجود ئي نه ئي.
ندا ياسر ٻڌايو ته اسان سڄو ڏينهن اي سي ناهيون هلائيندا ۽ رڳو پکا استعمال ڪندا آهيون ۽ ٻارن کي به اي سي هلائڻ کان منع ڪندا آهيون، رات جو به رڳو هڪ اي سي هلائي سڀ هڪ ئي ڪمري ۾ سمهندا آهيون.
ندا ياسر چيو ته بجلي جي مهانگن بلن سبب اسان سولر لڳرائڻ جو سوچي رهيا آهيون پر اهي به گھڻا مهانگا ٿي چڪا آهن.
اداڪارا فضا علي جو چوڻ هو ته اي سي استعمال نه ڪرڻ ۽ گھڻو وقت گھر کان ٻاهر هجڻ باوجود سندس آخري بل 67 هزار رپيا آيو آهي.
ناديا خان موجب هن کي به 75000 رپين جو بل مليو آهي جيتوڻيڪ هو ٽي هفتا گھر ئي نه هئي ۽ ڪم جي سلسلي ۾ ٿائيلينڊ وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.