ماهم عامر سيٽ تي روز 6 لک رپيا وٺندي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ماهم عامر پنهنجي باري ۾ ڪجهه مختلف حقيقتون شيئر ڪيون آهن.

ماهم عامر کان پڇيو ويو ته ڇا هن ڪڏهن سندس باري ۾ ڪا اهڙي افواه ٻڌي آهي جنهن سان سندس ذهن الجهي وڃي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته هن انٽرنيٽ تي پنهنجي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي پر هڪ ڳالهه سندس ذهن خراب ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته يوٽيوب تي آهي ته ماهم عامر جڏهن ڊرامي جي سيٽ تي هوندي آهي ته روزانو 6 لک رپيا وصول ڪندي آهي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته اهو سچ ناهي ۽ هوءَ چاهي ٿي ته اهو هڪ ڏينهن سچ بڻجي وڃي. بهرحال، اداڪارن کي اشتهارن لاءِ سٺا پئسا ملندا آهن پر ايترا گهڻا ناهن ملندا.

واضح رهي ته ماهم عامر پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.