نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ عوام جا بجلي بل معاف ڪيا پيا وڃن جنهن جو سبب اتي ٿيندڙ اليڪشن آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش رياست ۾ جلد ٿيندڙ رياستي اسيمبلي جي چونڊن کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان عوام دوست اعلان ڪيا پيا وڃن جن ۾ تازو ئي بجلي بلن جي معافي جي حوالي سان اعلان سامهون آيو آهي.
رپورٽ موجب مڌيا پرديش جي وڏي وزير شيوراج سنگهه چوهان جي صدارت هيٺ سندس رهائشگاهه تي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترين ئي عوام دوست تجويزن جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ گيس، بجلي ۾ عوام کي رعايت ڏيڻ سوڌو ڪيترائي اهم ترقياتي منصوبا شامل آهن.
Prev Post
You might also like